عام چونڊن ۾ ڪجهه ڪلاڪ وڃي بچيا، 12 ڪروڙ کان وڌيڪ ووٽر حق استعمال ڪندا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏين چونڊن ۾ ڪجهه ڪلاڪ وڃي بچيا آهن، پولنگ جي شروعات صبح 8 وڳي کان ٿيندي، جيڪا شام 5 وڳي تائين جاري رهندي.
ملڪ جي 855 قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي تڪن ۾ ووٽر تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ 17 هزار 816 اميدوارن مان پنهنجا نمائندا چونڊيندا، 882 عورتون ميدان ۾ آهن، جڏهن ته 4 کدڙا فقير به اليڪشن وڙهي رهيا آهن.
عام چونڊن لاءِ سڄي ملڪ ۾ 90 هزار 675 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، 27 هزار 628 حساس ۽ 18 هزار 437 انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنون آهن.
سيڪيورٽي فورسز جا 5 لک اهلڪار ذميواريون نڀائيندا، پوليس پهرئين درجي، پوءِ پيرا ملٽري فورسز ۽ آخري درجي ۾ پاڪ فوج ڪوئيڪ ريسپانس فورس طور ذميواري نڀائيندي.
ووٽرن لاءِ اصل سڃاڻپ ڪارڊ آڻڻ لازمي هوندو، قومي اسيمبلي لاءِ سائو ۽ صوبائي اسيمبلي لاءِ اڇو بيلٽ پيپر هوندو، پولنگ صبح 8 کان شام 5 وڳي تائين جاري رهندي.
12 ڪروڙ 85 لک 85 هزار 760 ووٽر ووٽ جو حق استعمال ڪندا، 6 ڪروڙ 92 لک 63 هزار 704 مرد ۽ 5 ڪروڙ 93 لک 22 هزار 56 عورت ووٽرز عام چونڊن لاءِ رجسٽرڊ آهن.
قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلي جي تڪن ۾ 17 هزار 818 اميدوار ميدان ۾ آهن، انهن ۾ 882 عورتون ۽ 4 کدڙا فقير به شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.