ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي 19 سالن جي شاگردياڻي حوريه بتول عالمي رڪارڊ ٽوڙيندي سڀ کان ننڍي ڄمار واري چارٽرڊ اڪائونٽنٽ (سي اي) بڻجڻ جو اعزاز ماڻي ورتو آهي.
ان ڪاميابي سان گڏ سندس نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ به شامل ڪيو ويو آهي. اهو رڪارڊ ان کان اڳ هڪ ڀارتي شاگرد وٽ هو.
حوريه بتول جي ڪاميابي سندس بي مثال ذهني صلاحيت ۽ مستقل مزاجي جو ثبوت آهي.
هي انهن ماڻهن لاءِ به هڪ مثال آهي جيڪي اڪائونٽنگ جي شعبي ۾ پنهنجو مستقبل سنوارڻ چاهين ٿا.
حوريه بتول 14 سالن جي عمر ۾ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ بڻجڻ جو سفر شروع ڪيو.
هن اهو وڏو مقصد 19 سالن جي عمر ۾ حاصل ڪيو آهي، رڳو ستن سالن جي عمر ۾ ئي هن اهو اعزاز ماڻي ورتو.
خاص ڳالهه اها به آهي ته حوريه بتول 14 سالن جي عمر ۾ اي ليول مڪمل ڪيو. جڏهن ته اهو عام طور تي 17 يا 18 سالن جي عمر ۾ حاصل ڪيو ويندو آهي.
حوريه بتول جو چوڻ آهي ته ماڻهو اهو چئي رهيا آهن ته هن اهو اعزاز ڪڏهن حاصل ڪيو جڏهن ته هوءَ 19 سالن کان وڏي لڳي رهي آهي، اصل ۾ هن چارٽرڊ اڪائونٽنٽ جو اعزاز 19 سالن جي عمر ۾ ئي ماڻي ورتو هو پر هلندڙ سال جنوري ۾ هن ورلڊ رڪارڊ لاءِ اپلاءِ ڪيو هو.