لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ نون عام چونڊن لاءِ ڪنٽرول روم تيار ڪري ورتو.
سموري ملڪ ۾ سڀاڻي عام چونڊون ٿي رهيون آهن، ان حوالي سان سياسي پارٽين جو تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن.
پاڪستان مسلم نون به عام چونڊن لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو آهي جتي شڪايتن سميت ٻين معاملن تي نظر رکي ويندي.
سينيٽر اسحاق ڊار جي قيادت ۾ قائم ٿيندڙ ڪنٽرول روم جي نگراني انوشا رحمان ڪندي، جڏهن ته قانوني مدد لاءِ ٽيم کي اعظم نذير تارڙ ليڊ ڪندو.
ان ڏس ۾ اسحاق ڊار جو چيو ته هو سڀاڻي رات ٻارنهين وڳي تائين چونڊ نتيجن لاءِ پراميد آهن.
You might also like