ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته موجوده ملڪي حالتن ۾ ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ باني جو حصو برابر آهي.
پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ن ليگ جي قيادت چاهي ٿي ته مخالفن جا هٿ پير ٻڌا وڃن، چاهين ٿا ته رڳو انهن کي چونڊ وڙهڻ جو موقعو ملي، اهي ته سڀني مخالفن جو خاتمو چاهين ٿا.
هن چيو ن ليگ وارا چاهين ٿا ته اڪيلي گهوڙي جيان ميدان ۾ لهون ۽ کٽيون، ن ليگ ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو، اڄ ملڪ ۾ جيڪي حالتون آهن، انهن ۾ ن ليگ جو به ايترو ئي حصو آهي، جيترو پي ٽي آءِ باني جو.
سندس چوڻ هو ته ادارن کي تباهه ڪرڻ ۽ چونڊن کي سدائين تڪراري بڻائڻ ن ليگ جي تاريخ آهي.
You might also like