بلاول جي چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ شهيدن جي مزارن تي حاضري، دعائون گهرندو رهيو

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊن کان اڳ هڪ ڏينهن اڳ ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيدن جي مزارن تي پهچي ويو.
بلاول ڀٽو زرداري ڪلاڪن جا ڪلاڪ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي ويهي دعائون گهرندو رهيو، هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد مير شاهنواز ڀٽو ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قبرن تي به حاضري ڏني.
پ پ چيئرمين، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهرواري محترمه امير شيرين بيگم جي قبر تي به حاضري ڏني ۽ فاتحه خواني ڪئي.
هن 18 آڪٽوبر سانحي جي گمنام شهيدن جي قبرن تي پڻ حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي.
بلاول ڀٽو زرداري چونڊ کان هڪ ڏينهن اڳ اوچتو لاڙڪاڻي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، هاڻ پاڻ گاڏي هلائيندي مختلف هنڌن تي شهرين سان ملاقاتون ڪندو رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.