بابر اعظم جي هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ تي بادشاهي برقرار

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) جي ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جي پهرين پوزيشن برقرار آهي.
آءِ سي سي ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي پليئرز جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
ون ڊي پليئرز جي رينڪنگ ۾ پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جي پهرين پوزيشن برقرار آهي.
ڀارت جي شُڀمَن گِل جي ٻي ۽ ويرات ڪوهلي جي ٽين پوزيشن آهي، جڏهن نيوزيلينڊ جي ڊيرل مچل هڪ درجو ترقي ماڻيندي پنجين نمبر تي اچي ويو آهي.
ون ڊي بالرن ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ڪيشو مهاراج جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، ٻئي نمبر تي آسٽريليا جو جوش هيزل وو ۽ سندس هم وطن ايڊم زمپا هڪ درجو ترقي ڪندي ٽئين تي اچي ويو آهي.
ون ڊي آل رائونڊرن ۾ بنگلاديش جي شڪيب الحسن جو پهريون نمبر برقرار آهي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ڀارت جي سوريا ڪمار ياديو جي پهرين پوزيشن آهي انگلينڊ جي فل سالٽ جو ٻيو ۽ پاڪستان جي محمد رضوان جو ٽيون نمبر آهي.
ٽي ٽوئنٽي بالرن جي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي عادل رشيد جو پهريون نمبر آهي، پاڪستان جي حارث رئوف جي ويهين پوزيشن آهي.
ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊرن ۾ بنگلاديش جي شڪيب الحسن جو پهريون نمبر برقرار آهي.
ٽيسٽ پليئرز رينڪنگ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪين وليمسن جو پهريون نمبر برقرار آهي.
آسٽريليا جي اسٽيو سمٿ هڪ درجو ترقي ماڻيندي ٻي پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي، انگلينڊ جو جوئي روٽ هڪ درجو تنزلي کانپوءِ ٽئين نمبر تي هليو ويو آهي.
پاڪستان جي بابر اعظ۾ جو ٽيسٽ ۾ پنجون ۽ آسٽريليا جي عثمان خواجا جو چوٿون نمبر آهي.
ڀارت جو جسپريت بمرا نمبر ون ٽيسٽ بالر بڻجي ويو آهي، ٽيسٽ بالرن جي رينڪنگ ۾ روي چندرن ايشون ٻه درجا تنزلي کانپوءِ ٽئين نمبر تي هليو ويو آهي.
ٽيسٽ آل رائونڊرن ۾ڀارت جو رويندرا جاڙيجا پهرين پوزيشن تي موجود آهي، جڏهن ته ٽاپ ٽين آل رائونڊرز جي فهرست ڪو به پاڪستاني شامل ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.