جنرل اليڪشن: پاڪستان جو افغانستان ۽ ايران سان بارڊر بند رکڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن سبب افغانستان ۽ ايران سان بارڊر بند رهندو.
ترجمان موجب بارڊر بند ڪرڻ جو فيصلو سڪيورٽي خدشن کي ڏسندي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 9 فيبروري تي افغانستان ۽ ايران سان بارڊر معمول موجب کلي ويندو.
ان حوالي سان بارڊر اختيارين به ٻڌايو ته سيڪيورٽي خدشن جي بنياد تي طورخم بارڊر کي اڄ رات 12 وڳي کان سڀاڻي رات 12 وڳي تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اختيارين موجب چونڊون پرامن طريقي سان ٿيڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي، طورخم بارڊر تي 24 ڪلاڪن تائين هر قسم جي اچ وڃ معطل رهندي.
اختيارين چيو ته طورخم سرحد تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، بارڊر تي ڪسٽم سميت سموريون سرڪاري آفيسون به بند رهنديون، ڪنهن کي به بارڊر ڪراس ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.