خرچ ڪيترا ۽ ٽيم جي ڪارڪردگي ڇا آهي؟ پي سي بي چيئرمين تفصيل طلب ڪري ورتا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي بورڊ جي خرچن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.
ذريعن موجب، پي سي بي جي خرچن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم، سپورٽ اسٽاف ۽ ميچن تي خرچ ٿيندڙ رقم پڻ شامل هوندا.
ان کانسواءِ پي سي بي جي سالياني بجيٽ ۽ رانديگرن جي معاوضن جا تفصيل پڻ طلب ڪيا ويا آهن، سي او او ۽ سي ايف او کي تفصيلي رپورٽ تيار ڪري بريفنگ ڏيڻ جي جو چيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين خرچن ۽ پاڪستان ٽيم جي ڪارڪردگي جي ڀيٽ ڪرڻ چاهي ٿو، چيئرمين جلد بورڊ جي اعليٰ عهديدارن کان بريفنگ وٺندو جنهن کانپوءِ مستقبل جي حڪمت عملي تيار ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.