اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مسلسل پنجين ڏينهن ڪاروبار جو هاڪاري رجحان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مسلسل پنجين ڏينهن ڪاروبار جو هاڪاري رجحان رهيو.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس 344 پوائنٽون واڌ سان 64143 تي بند ٿيو، 100 انڊيڪس 5 ڏينهن ۾ 2302 پوائنٽون وڌيو آهي.
بازار ۾ 32 ڪروڙ 75 لک شيئرز جا سودا ٿيا، شيئرز بازار جي ڪاروبار جي ماليت 14.30 ارب رپيا رهي.
ان کانسواءِ مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 33 ارب رپيا وڌي 9361 ارب رپيا آهي.
مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 5 ڏينهن ۾ 284 ارب رپيا وڌي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.