بلوچستان ۾ دهشتگرد حملا، 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي نگران اطلاعات واري وزير جان اچڪزئي پشين ۽ قلعي سيف الله ۾ ڌماڪن دوران شهيد ٿيندڙ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ 3 ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.
بلوچستان جي اطلاعات واري وزير چيو آهي ته ڀارت عالمي دهشتگرد آهي، اِهي ساڳي ئي ماڻهو آهن جيڪي مڇ واري واقعي ۾ ملوث رٿيا، واقعن ۾ زخمي ٿيندڙن کي علاج لاءِ ڪوئيٽا نيو پيو وڃي.
هن چيو ته هو پنهنجي شهيدن جو بدلو وٺندا، ڀارت جي دهشتگرد ايجنڊا کي نيست نابود ڪندا، دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي، چونڊون سڀاڻي هر صورت ۾ ٿينديون.
هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان جو عوام سڀاڻي پرامن طريقي سان پنهنجي حق جو استعمال ڪري، پوليس ۽ ليوي کانسواءِ فوجي جوانن کي طلب ڪري سگهجي ٿو، اسان سڀاڻي انهن دهشتگردن جي مقصدن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.