سُشميتا سين جي شادي جا افواهه، اداڪارا جو رد عمل اچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ۽ اڳوڻي مس يونيورس سُشميتا سين پنهنجي بواءِ فرينڊ روهمن شول سان شادي جي افواهن جي ترديد ڪري ڇڏي.

هڪ تازي انٽرويو دوران اداڪارا پنهنجي شادي جي حوالي سان چيو ته پوري دنيا ۽ منهنجا مداح چاهين ٿا ته مون کي شادي ڪري ڇڏڻ گھرجي، خاص طور تي عمر جي هن حصي ۾ مون کي جيون ساٿي جي چوڻ ڪرڻ گھرجي پر آئون اهڙين ڳالهين کي بلڪل اهميت نه ڏيندي آهيان.

اداڪارا چيو ته آئون اها ڳالهه ان ڪري چئي رهي آهيان ڇو جو آئون شادي جهڙي محبت سان ڀريل رشتي جو احترام ڪندي آهيان، پر مون کي وڌيڪ يقين دوستي جي رشتي تي آهي.

سشميتا چيو ته جيڪڏهن مون کي لڳو ته ڪو اهڙو ماڻهو آهي جنهن سان منهنجي ايتري سٺي دوستي آهي ته اسان سڄي زندگي گڏ رهي سگھنداسين ته آئون ان بابت سوچينديس، عزت ۽ دوستي وڌيڪ اهم آهي، ان کانسواءِ آزادي به تمام ضروري آهي، ان ڪري مون کي پنهنجي آزادي ۽ پنهنجي ڪم جو فڪر آهي ۽ آئون ان کي اهميت ڏيندي آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.