اليڪشن ڪميشن جي سيڪيورٽي ٻيڻي، پوليس ۽ ايف سي مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن جي سلسلي ۾ اسلام آباد پوليس اليڪشن ڪميشن جي سيڪيورٽي سنڀالي ورتي.
اليڪشن ڪميشن جي سيڪيورٽي لاءِ به پلان جوڙيو ويو آهي، 8 فيبروري تي اليڪشن ڪميشن جي سيڪيورٽي ٻيڻي ڪئي ويندي.
اليڪشن ڪميشن ذريعن موجب اسلام آباد پوليس، ايف سي جي واڌو نفري اليڪشن ڪميشن جي سيڪيورٽي لاءِ پهچي وئي، اليڪشن ڪميشن ۾ ايندڙ اڻ لاڳاپيل ۽ شڪي ماڻهن تي نظر رکي ويندي، چيف اسٽاف ايس پي اليڪشن ڪميشن جي سيڪيورٽي جا سمورا انتظام ڏسندو.
چونڊن جي موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي اندر ۽ ٻاهر سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.