پي ٽي آءِ اڳواڻ راجا بشارت جو ڀاءَ نوَ مئي واقعن ۾ سلطاني شاهد بڻجڻ لاءِ تيار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نوَ مئي سانحي جو هڪ ٻيو جوابدار گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪو سلطاني شاهد بڻجڻ لاءِ به تيار ٿي ويو آهي.
پاڪستان تحريڪ انياف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير راجا بشارت جي ڀاءَ راجا ناصر کي ڪالهه شام راولپنڊي پوليس گرفتار ڪري ورتو.
راجا ناصر تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ورغلائڻ ۽ ملڪي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.
نوَ مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي رياست خلاف غداري جي ڏوهه ۾ ملوث قرار ڏنو ويو آهي.
ذريعن موجب، راجا ناصر پنهنجو ڏوهه قبولي ورتو آهي ۽ نوَ مئي سانحي جي ماسٽر مائنڊ خلاف سلطاني شاهد بڻجڻ لاءِ تيار آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.