عام چونڊون: ڪراچي ۾ 1200 کان وڌيڪ ايس ايس يو ڪمانڊوز مقرر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن جي موقعي تي سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏيڻ لاءِ ڪراچي ۾ 1200 کان وڌيڪ ايس ايس وي ڪمانڊوز مقرر ڪيا ويا آهن.
ڪمانڊوز ڪراچي جي سڀني ضلعن ۾ انتهائي حساس، حساس ۽ نارمل پولنگ اسٽيشنز تي مقرر آهن، اهي مختلف ضلعن ۽ ايس ايس يو هيڊ ڪوارٽرز ۾ ڪوئيڪ ريسپانس فورس طور به الرٽ رهندا.
مختلف ٽريننگ سينٽرن ۾ تربيتي ڪورس ڪندڙ ايس ايس يو ڪمانڊوز سڄي شهر ۾ مقرر ڪيا ويا آهن، ايس ايس يو ڪمانڊوز اعليٰ تربيت يافته آهن.
ايس ايس يو ڪمانڊنٽ ڊاڪٽر فرخ علي موجب ڪمانڊوز شرپسندن طرفان ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.