چنڊ تي زلزلا وڌڻ جو انڪشاف

سائنسدانن رات آسمان تي چمڪندڙ چنڊ بابت حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيو آهي.
آمريڪي خلائي اداري ناسا تحت ٿيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چنڊ جي سطح جي هيٺان لڪيل تهه ٿڌو ٿي رهيو آهي جنهن ۾ نتيجي ۾ زمين جي قدرتي سيٽلائيٽ سُسي رهي آهي ۽ اتي زلزلا وڌي رهيا آهن.
حقيقت ۾ زلزلي جون لهرون ڪافي مٿي تائين وڃي رهيون آهن جنهن سان چنڊ جي سطح تي ڏار پئجي رهيا آهن.
انهن ڏارن جي ڪري چنڊ تي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ زلزلي ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب اتي مستقبل ۾ پهچندڙ ماڻهن ۽ روبوٽس ڏکيائين کي منهن ڏئي سگھن ٿا.
Smithsonian Institution جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته ماڊلز مان اشارو ملي ٿو ته چنڊ جي ڏکڻ قطب جي سطح تي زلزلن جي لوڏن جي شدت تمام گھڻي هوندي آهي.
ان تحقيق ۾ چنڊ جي ڏکڻ قطب تي خاص ڌيان ڏنو ويو هو ڇو جو ان خطي کي اهم قرار ڏنو ويندو آهي.
سائنسدانن جو مڇڻ آهي ته چنڊ جي ان اونداهي حصي ۾ برفاني پاڻي جا ذخيرا موجود آهن.
ان خطي ۾ سيپٽمبر 2026ع ۾ ناسا جو انسانن تي ٻڌل آرٽيمس 3 مشن لاهڻ جي منصوبابندي به ڪئي وئي آهي.
چنڊ جي سطح تي ٿيندڙ تبديلين جو مشاهدو Lunar Reconnaissance Orbiter جي ڪيمرا سان ڪيو ويو.
ان ڪيمرا ۾ هزارين ننڍن نون ڏارن کي ڏٺو ويو جڏهن ته چنڊ جي سطح تي موجود ڊوائيسز ذريعي زلزلي جي ڊيٽا جي جاچ پڙتال ڪئي وئي.
محققن ٻڌايو ته انهن نون ڏارن جي پکڙجڻ مان انهن جي متحرڪ ٿيڻ جو اشارو ملي ٿو ۽ نوان ڏار پوڻ جو به اشارو ملي ٿو.
هنن وڌيڪ چيو ته هو ڪنهن کي به تنبيهه ناهن ڪري رهيا ۽ نه ئي اتي مشن موڪلڻ جي حوصلا شڪني ڪري رهيا آهن پر اسان مسقبل جي مشنز بابت خطرن کي سامهون آڻڻ چاهين ٿا.
ان تحقيق جا نتيجا Planetary Science Journal ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.