عام چونڊون: سنڌ ۾ پوليس سان گڏ فوج ۽ رينجرز به متحرڪ، انتظام مڪمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ عام چونڊن جي حوالي سان پاڪ فوج، رينجرز ۽ پوليس جا سيڪيورٽي انتظام مڪمل ڪيا ويا.
رينجرز طرفان اهم هنڌن تي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، سڄي سنڌ ۾ رينجرز جا 10 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، ڪراچي ۾ 6 هزار اهلڪار فرض انجام ڏيندا.
ڪراچي ۾ ڪوئيڪ ريسپانس فورس جا 440 دستا به مقرر ڪيا ويا آهن، ان کانسواءِ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ 392 دستا مقرر هوندا.
چونڊن جي موقعي تي رينجرز ۽ پاڪ فوج جا جوان مختلف هنڌن تي گشت به ڪندا، سنڌ ۾ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي جوانن جي مقرري ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.