برطانوي هاءِ ڪمشنر جو پاڪستان ۾ چونڊن کان اڳ دهشتگردي تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) برطانوي هاءِ ڪمشنر پنهنجي سوشل ميڊيا بيان ۾ چيو آهي ته چونڊن کان اڳ پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن تي ڳڻتي آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ چيو ته پاڪستان ۾ سڀاڻي ٿيندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ تياريون جاري آهن ۽ ان کان اڳ ٿيندڙ دهشتگرد حملا ڳڻتي جوڳا آهن.

هن چيو ته آئون انهن ماڻهن جي مذمت ڪريان ٿي جيڪي ماڻهن کي ووٽ وجهڻ کان روڪڻ چاهين ٿا. منهنجون همدرديون متاثر ماڻهن جي پيارن سان گڏ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.