نگران حڪومت ۾ به عوام سُک جو ساهه نه کنيو، مهانگائي ۾ واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت ۾ به عوام سُک جو ساهه نه کنيو ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
سرڪاري دستاويز موجب نگران حڪومت عام واهپي جي شين جا اگهه ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 39.45 سيڪڙو تائين پهچي وئي.
دستاويز موجب ڪڻڪ جي اگهه ۾ سالياني بنياد تي تقريبن 13 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، هڪ سال ۾ چانورن جو اگهه 29 سيڪڙو کان وڌيڪ وڌيو، خشڪ ميوا 39.59 سيڪڙو، گوشت تقريبن 22 سيڪڙو مهانگو ٿيو.
انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اٽي جي اگهه ۾ سالياني بنيادن تي 32.71 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، چانهه جي پتي 32 سيڪڙو تائين مهانگي ٿي.
اهڙي ريت سگريٽ 93.57 سيڪڙو، پرنٽنگ پيپر 25.77 سيڪڙو، دوائون 4.81 سيڪڙو مهانگيون ٿيون، جڏهن ته سيمينٽ جو اگهه سالياني بنيادن تي 18.93 سيڪڙو وڌيو ۽ هڪ سال ۾ ٽريڪٽر جا اگهه 44.22 سيڪڙو تائين وڌيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.