سائيڪل هلائڻ ۽ جاگنگ ڪرڻ مردن کي وڏي بيماري کان بچائي ٿو

نئين تحقيق جي نتيجن ۾ ٻڌايو ويو اهي ته سائيڪل هلائڻ ۽ جاگنگ ڪرڻ سان مردن ۾ پروسٽيٽ ڪينسر جو خطرو گھٽجي سگھي ٿو.
سويڊش اسڪول آف اسپورٽ ايند هيلٿ سائنسز سان واسطو رکندڙ سائنسدان ۽ ان تحقيق ۾ شامل ڊاڪٽر بولم چوي ٿي ته پروسٽيٽ ڪينسر کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته مرد پنهنجي ڪارڊيويسڪيولر سسٽم کي بهتر بڻائڻ لاءِ سخت ورزش ڪن ۽ ان سلسلي ۾ سائڪلنگ، جاگنگ ۽ سوئمنگ گھڻيون فائديمدن ثابت ٿين ٿيون.
سائنسي رسال برٽس جرنل آف اسپورٽس ميڊيسن جي تازي پڌرائي ۾ شامل تحقيق لاءِ 57 هزار کان وڌيڪ مردن جي انگن اکرن جو تجزيو ڪيو ويو.
ان دوران ان دوران سندن سالياني ڪارڊيورسپائٽري فٽنيس ٽيسٽ، جسماني سرگرمي جي سطحن، بي ايم آءِ، سندن طرز زندگي ۽ عام صحت جو جائزو ورتو ويو.
ستن سالن جي عرصي دوران تحقيق ۾ شامل 57 هزار ماڻهن مان 592 مردن ۾ پروسٽيٽ ڪينسر ظاهر ٿي جن مان 46 لاڏاڻو ڪري ويا.
تحقيق دوران جن مردن جي فٽنيس ۾ 3 سيڪڙو بهتري آئي انهن ۾ پروسٽيٽ ڪينسر جو خطرو 35 سيڪڙو گھٽجي ويو.
محققن موجب پروسٽيٽ ڪينسر جي خطري کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته مرد دل ۽ رت جي دوري جي نظام کي صحتمند رکندڙ ورزشن کي معمول بڻائين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.