سون جي اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 400 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 15 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي.
ان کانسواءِ 10 گرام سون 343 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 84 هزار 756 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 5 ڊالر واڌ سان 2033 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.