عمران خان سان جيل ۾ ٻن ”اهم شخصيتن“ جي ملاقات،بشريٰ بي بي بني گالا ۾ غير محفوظ

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) عمران خان سان جيل ۾ ٻن اهم ماڻهن جي ملاقات، اڊيالا جيل ۾ 498 ماڻهن جي حاضري لڳي وئي،اليڪشن کان پهرين پي ٽي آءِ جي ٽن اهم اڳواڻن تي فرد جرم لاڳو، ناليواري صحافي جاويد چوڌري چيو آهي ته 9 مئي واقعن تي لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ياسمين راشد،اعجاز چوڌري،محمود الرشيد تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي،امڪان آهي ته ٽنهي کي سزا ملي ويندي،انهن کي اليڪشن کان اڳ سزا ڏني وئي،انهن ٽنهي اميدوارن جي اليڪشن ۾ کٽڻ جا امڪان هئا، 9 مئي واقعن تي اڊيالاجيل ۾ عمران  خان ۽ شاهه محمود قريشي کي ڇڏي پي ٽي آءِ  جي 495 اڳواڻن،ڪارڪنن جي حاضري لڳي وئي،اڊيالاجيل ۾ صحافين کي پوئتي ڌڪيو ويو، جنهن تي شاهه محمود قريشي جي ڌيءُ گوهر بانو احتجاج ڪيو ۽ جج کي چيو ته ميڊيا کي ڇو ٿا روڪيو انهن کي ڏسڻ ڏيو ته اسان سان ڇا ٿي رهيو آهي جنهن تي جج ڪاوڙ ۾ اچي کيس چيو ته بي بي هي عدالت آهي ان قسم جي ڳالهه هتي نه ڪريو،توهان کي هتان ٻاهر ڪڍيو ويندو، شيخ رشيد خلاف ٽيڪسلا ۾ وڌيڪ ٽن ڪيسن ۾ پوليس گرفتاري جي اجازت گهري، شيخ رشيد جي وڪيل جي دليل تي جج شيخ رشيد جي گرفتاري روڪي ڇڏي، جڏهن ته عدالت شيخ رشيد جي ضمانت درخواست تي 10 فيبروري تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي،ايندڙ ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ لاءِ سخت هوندا، 10 فيبروري تي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف القادر ٽرسٽ ڪيس جي ٻڌڻي به رٿيل آهي، بشريٰ بي بي جي اڊيالا جيل منتقلي پٺيان ٽي سبب آهن هڪ ته هوءَ پارٽي اندر گهڻي مشڪوڪ ٿي چڪي آهي ٻيو بني گالا ۾ قيد تنهائي جو شڪار آهي،اڊيالا جيل ۾ گهڻا ماڻهو هوندا آهن اتي عمران خان سان ملاقات جو به چانس آهي، ٽين ڳالهه ته بشريٰ بي بي بني گالا ۾ پاڻ کي محفوظ نٿي سمجهي، هن چيو ته جڏهن کان عمران خان جيل ۾ ويو آهي ته اتي سندس رڳو ڀينرن،گهرواري سان ملاقاتون ٿينديون آهن، عدالت ۾ هن جا وڪيل هن سان ملاقات ڪندا هئا، پارٽي جي ٻين اهم اڳواڻن جي ملاقات تي پابندي آهي ،ڪالهه اڊيالا جيل ۾ راجا ناصر عباس ۽ بئريسٽر سيف عمران خان سان ملاقات ڪئي اهي ٻئي اسٽيبلشمينٽ جا انتهائي ويجهو سمجهيا وڃن ٿا،ان ملاقات جو ٿي سگهي ٿو ته عمران خان کي فائدو ٿيندو، هڪ ڪلاڪ جي ملاقات جو ڪو نه ڪو نتيجو نڪرندو،ڪا سيٽلمينٽ ٿي وئي ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته عمران خان کي ڪو رليف ملي وڃي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 07 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.