گوگل جي مشهور ترين سروس جيميل هاڻي ڪنهن حد تائين واٽس ايپ جيان محسوس ٿيڻ لڳندي.
جي ها گوگل پاران جي ميل جي اينڊرائڊ ايپ ۾ نئون چيٽ اسٽائل ريسپانس انٽرفيس متعارف ڪرايو پيو وڃي.
ان فيچر سان جي ميل جي اِي ميلز رپلاءِ ڪرڻ جو تجربو ميسيجنگ ايپ جهڙو هوندو.
هن وقت جي ميل تي جڏهن ڪنهن اي ميل تي رپلاءِ ڪيو ويندو آهي ته نئين رپلاءِ ونڊو کُلي ويندي آهي جنهن ۾ مٿي موجود تفصيل ٽڪرن ۾ نظر ايندا آهن.
پر ان نئين فيچر سان جڏهن اوهان رپلاءِ بٽڻ تي ڪلڪ ڪندا ته مٿي موجود اي ميل واٽس ايپ ميسيج تي رپلاءِ جيان نظر ايندي.
ان سان اي ميل تي موجود پيغام پڙهي ان تي جواب ڏيڻ ۾ مدد ملندي ۽ اهو ياد ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي ته اِي ميل ۾ ڇا لکيو ويو هو.
You might also like