ڪمپني پاران ٻار ڄڻڻ تي ملازمن کي 3 ڪروڙ روپيا ڏيڻ جو اعلان

سئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوري اجي هڪ ڪمپني پنهنجي ملڪ ۾ گھٽ ترين ڄم جي شرح جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪروڙين ڊالر خرچ ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

بويونگ گروپ نالي اڏاوتي ڪمپني پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته هوءَ ملازمن کي هر ٻار جي پيدائش تي 75 هزار ڊالر (لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ پاڪستان روپيا) ڏيندي.

ڪمپني پاران انهن ملازمن کي به 50 هزار ڊالر ڏندا ويندا جن 2021ع کان ٻار ڄڻيا آهن.

ڪمپني جي ترجمان ٻڌايو ته اها پاليسي مردن ۽ عورتن ٻنهي تي لاڳو ٿيندي.

واضح رهي ته دنيا ۾ ڄم جي سڀ کان گھٽ ترين سطح ڏکڻ ڪوريا جي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.