نوجوانن سان گڏجي ملڪ کي ايشين ٽائيگر بڻائينداسين: نواز شريف

قصور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته نوجوان اسان سان گڏ آهن، ملڪ کي ايشين ٽائيگر بڻائينداسين.
قصور جي علائقي کڊيان خاص ۾ چونڊ مهم جي آخري ڏينهن جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو اسان جي حڪومت نه وڃي ها ته هتي موجود هر شخص وٽ سٺو روزگار هجي ها، موجوده دور ۾ هر نوجوان کي روزگار ملڻ گهرجي.
هن چيو ته اسان کي هن دور مان ٻاهر نڪرڻو آهي، ملڪ کي وري ايشين ٽائيگر بڻائڻو آهي، جيڪي چوندا هئا نوجوانن کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ملنديون، لکين گهر ملندا، اهي نوڪريون ۽ گهر ڪاڏي ويا؟
سندس چوڻ هو ته فراڊين ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، انهن کي ٻيهر ناهي اچڻ ڏيڻو، اسان ملڪ جي ٻيهر تعمير ڪنداسين ۽ نوجوان اسان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ملڪي ترقي ۾ هٿ ونڊائيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.