مريم نواز جو چونڊ مهم جي آخري جلسي ۾ تحريڪ انصاف ڪارڪنن کي اهم پيغام

قصور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته مان عوام کي شاهد بڻائي چوان ٿي ته سڀ ڪجهه وسارڻ لاءِ تيار آهيان، پي ٽي آءِ جي نوجوانن کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿي ته اهي به نفرت جي سياست کي دفن ڪري ڇڏين.
قصور جي علائقي کڊيان خاص ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته چيو ويو نواز شريف جي سياست ختم ٿي وئي، اڄ ڏسو سياست شروع به نواز شريف کان ٿي رهي آهي ۽ ختم به نواز شريف تي ٿي رهي آهي، نواز شريف جي مخالفن جي تقرير به نواز شريف کان شروع ٿي ان تي ختم ٿيندي آهي.
هن چيو ته نواز شريف جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي ۽ مون کي به نه بخشيو ويو، اسان سان ناانصافي ڪئي وئي پر اسان ڪڏهن تنقيد نه ڪئي، مان ان ئي جدوجهد ۾ پنهنجي ماءُ وڃائي ڇڏي، جيڪا ڪڏهن واپس نه ايندي.
سندس چوڻ هو ته مان عوام کي شاهد بڻائي چوان ٿي ته سڀ ڪجهه وسارڻ لاءِ تيار آهيان، تحريڪ انصاف جا نوجوان جيلن ۾ آهن، انهن کي به پيغام آهي ته نفرت جي سياست کي دفن ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.