اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ڏيڍ سال تائين عمران خان کي ڪوبه رليف نه ملندو،چونڊن ۾ وڌيڪ سيٽون کڻڻ جي صورت ۾ پي ٽي آءِ تي پابندي ھنئي ويندي، جنھن سبب سندن مينڊيٽ خود بخود ختم ٿي ويندو، ايندڙ ڏيڍ سالن تائين عمران خان کي ڪوبه رليف نه ملندو، جيستائين ھو پاڻ ڳالھين ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ جا شرط مڃڻ لاءِ تيار نٿو ٿئي، انھن شرطن ۾ ھڪ شرط اھو به ھوندو ته عمران خان کي مستقل خاموشي اختيار ڪري بني گالا ۾ ئي رھڻو پوندو، جيڪو ڪابه سياسي سرگرمي ڪري نه سگھندو، ايستائين جو بيان ڏيڻ جي به کيس اجازت نه ھوندي.ملڪ جي ناليواري صحافي ۽ اينڪرپرسن اسد علي طور پنھنجي وي لاگ ۾ ڳالھائيندي چيو آھي ته جيڪڏھن پي ٽي آءِ ايندڙ چونڊن ۾ وڌيڪ سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته ملٽري ڪورٽ پنھنجا محفوظ ڪيل ٻڌائيندي ۽ پي ٽي آءِ کي ملڪ دشمن قرار ڏئي مٿس پابندي ھنئي ويندي، جنھن سبب سندن ڪامياب ٿيل اميدوارن کي پڻ جيلن ۾ وڌو ويندو. اسد علي طور وڌيڪ اھو به چيو ته عمران خان تي 9 مئي واري واقعي جون ڪيتريون ئي ايف آءِ آرون ڪٽيل آھن ۽ انھن ڪيسن جا فيصلا محفوظ ڪيل آھن، جيڪي چونڊن کان پوءِ ٻڌايان ويندا، انھن ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ڪارڪن ۽ اڳواڻ واعدي معاف گواھه ٿيڻ لاءِ تيار آھن.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 06 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي