درخواستگذار ثابت ڪيو ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي شادي غير قانوني هئي، لکت ۾ فيصلو جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي عدت ۾ نڪاح واري ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
عدت دوران نڪاح واري ڪيس ۾ اسلام آباد جي سينيئر سول جج قدرت الله لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو
فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ثبوت اهو ثابت ڪن ٿا ته جوابدار ( عمران خان ۽ بشريٰ بي بي ) پهرين جنوري 2018ع تي ٿيل نڪاح کان پهرين روحاني تعلق جو ڏٽو ڏئي هڪٻئي سان رابطا قائم ڪري چڪا هئا.
فيصلي ۾ لکيو ته خاور مانيڪا قسم کڻي چئي چڪو آهي سندس اڳوڻي گهرواري بشريٰ بي بي جو عمران خان سان 2014 واري ڌرڻي دوران رابطو ٿيو.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو حوالو ڏيندي فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته ٻنهي رابطي ۾ هجڻ جو اعتراف ڪيو پر سندن طرفان ڪنهن به ناجائز تعلق جي ترديد ڪئي وئي.
فيصلي موجب، عدالت جيڪڏهن مڃي ته ٻنهي ۾ ناجائز لاڳاپا نه هئا تڏهن به درخواستگذار جي غير موجودگي ۾ جوابدارن جي ڪلاڪن تي ٻڌل ملاقاتون اِهو جواز هيون ۽ اِهو چئي سگهجي ٿو ته پهريون ڀيرو ٻنهي ۾ تعلق قائم ٿيڻ کانپوءِ سندن رشتي ۾ دوکي جو عنصر موجود هو.
لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عدت واري معاملي تي عورت جي موقف کي ترجيح ڏني ويندي اهي پر هن ڪيس ۾ درخواستگذار طرفان ان کي رد ڪيو ويو آهي جڏهن ته جوابدارن جو نڪاح فيبروري 2018ع ۾ ٿيو هو ۽ پهرين نڪاح جي عدت کي نظر ۾ رکندي ٻيو نڪاح نه ٿو ڪري سگهجي.
عدالتي فيصلي ۾ چيوويو آهي ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي پاڪستان پئنل ڪوڊ جي قلم 496 تحت سزا ٻڌائي پئي وڃي.
واضح رهي ته قلم 496 تحت ڪو به شخص بي ايماني يا غلط ارادي سان شادي ڪري ٿو، اِهو ڄاڻڻ باوجود ته هو قانوني طور تي شادي شده ناهي ته ان کي ست سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ويندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.