ڪولمبيا (ويب ڊيسڪ) ڪولمبيا جي بوگوٽا ايئرپورٽ تي عورت جي ٿيلهي مان 3 ڪروڙ 60 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جا زهريلا ڏيڏر هٿ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ عورت کي گرفتار ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪولمبيا جي بوگوٽا ايئرپورٽ تي عورت جي ٿيلهي مان 130 زهريلا ڏيڏر هٿ ڪيا ويا جن کي عورت سمگل ڪري رهي هئي.
اختيارين موجب عورت جو واسطو برازيل سان آهي، عورت دعويٰ ڪئي ته اهي ڏيڏر کيس تحفي ۾ مليا آهن.
مقامي پوليس جو ان حوالي سان چوڻ هو ته بليڪ مارڪيٽ ۾ هڪ ڏيڏر جي قيمت تقريبن 1000 ڊالر آهي.
You might also like