آمريڪي فوج جا عراق ۽ شام ۾ 85 هنڌن تي حملا، ڪيترائي شهري شهيد

بغداد/دمشق (ويب ڊيسڪ) آمريڪي فوج عراق ۽ شام ۾ 85 هنڌن تي هوالي حملا ڪيا آهن، آمريڪي حملي سبب عراق ۾ هڪ جڏهن ته شام ۾ ڪيترائي شهري مارجي ويا ۽ زخمي ٿي پيا.
آمريڪي اختيارين ايران نواز مليشيا تي وڌيڪ حملن جي ڌمڪي ڏيندي چيو ته حملا آمريڪي اهلڪارن کي مارڻ جي جواب ۾ ڪيا ويا.
آمريڪي صدر جو بائيڊن پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان جو ردعمل اڄ کان شروع ٿيو آهي، ۽ اهو مستقبل ۾ به اسان جي چونڊيل وقت ۽ هنڌ تي جاري رهندو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي ڊرون حملي ۾ 3 آمريڪي فوج مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا.
آمريڪي اختيارين ملڪي نشرياتي اداري سي اين اين کي ٻڌايو هو ته ڊرون حملي ۾ 3 فوجي مارجي ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.
غزا ۾ اسرائيلي جارحيت جي شروعات کان پوءِ وچ اوڀر ۾ اهو آمريڪي فوجين جي مارجڻ جو پهريون واقعو هو.
آمريڪي اختيارين جو چوڻ هو ته ڊرون حملو شامي سرحد ويجهو اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي ڪيو ويو، حملو عراق ۽ شام ۾ سرگرم ايراني حمايت يافتا عسڪري ڌڙن ڪيو.
آمريڪي اختيارين پاران حملي جو الزام ايران تي لڳايو ويو هو جڏهن ته ايران آمريڪي الزام رد ڪري ڇڏيا هئا.
ان کان پوءِ وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو هو ته آمريڪا ڪئي ڪري ورتو آهي ته اردن حملي ۾ ٽن فوجين جي مارجڻ جو جواب ڪيئن ۽ ڪڏهن ڏيڻو آهي.
آمريڪي قومي سلامتي ترجمان جان ڪربي به آمريڪي فوجين تي حملي جو جواب ڏيڻ جو اشارو ڏيندي چيو هو ته ايران سان جنگ ۽ خطي ۾ جنگ پيکڙن نٿا چاهيون پر جواب پنهنجي شيڊول، وقت ۽ چونڊيل طريقي سان ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.