ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) پاڪستان جي شهرين کي سمارٽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ (NIC) جاري ڪري رهيو آهي.
قومي سڃاڻپ ڪارڊ ماڻهن جي پهرين گهرج آهي جيئن ته لائسنس، اين ٽي اين، بئنڪ اڪائونٽ، پاسپورٽ، سيلولر ڪنيڪشن وغيره جهڙا دستاويز حاصل حاصل ڪري سگهجن.
پاڪستان جو هر شهري، جنهن جي عمر 18 سال يا ان کان مٿي آهي، سڃاڻپ ڪارڊ لاءِ درخواست ڏيڻ جو اهل آهي.
نئين سمارٽ سڃاڻپ ڪارڊ لاءِ ڪيئن اپلاءِ ڪجي: توهان پنهنجي نئين سمارٽ NIC لاءِ نادرا رجسٽريشن سينٽر (NRC) يا پاڪ ID ويب سائيٽ ذريعي درخواست ڪري سگھو ٿا.
توهان پنهنجي سمارٽ قومي شناختي ڪارڊ (SNIC) لاءِ پاڪ آءِ ڊي ويب سائيٽ تي وڃي درخواست ڪري سگهو ٿا ۽ توهان کي ڪارڊ در تي ملندو.
توھان ويب سائيٽ تان نئين CNIC لاءِ درخواست نٿا ڏئي سگھو.
NIC سمارٽ ڪارڊ فيس: فيبروري 2024 تائين، نئين سمارٽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي عام فيس ۾ ڪا تبديلي نه ٿيندي.
نارمل ڪيٽيگري جي فيس 750 رپيا آهي جڏهن ته ارجنٽ فيس 1500 رپيا آهي.
نادرا پاران ايگزيڪيوٽو ڪيٽيگري لاءِ 2500 رپيا ورتا پيا وڃن.