اڄوڪي سزا عمران خان جي ساک متاثر ڪرڻ جي ڪوشش آهي، فيصلو چئلينج ڪنداسين: بئرسٽر گوهر

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) عمران خان جي وڪيل ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ بئرسٽر گوهر چيو آهي ته اڄوڪو فيصلو عمران خان جي ساک متاثر ڪرڻ جي ڪوشش آهي جنهن کي هو هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندا گڏوگڏ بشريٰ بي بي کي بني گالا اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جي درخواست ڏيندا.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي عدت ڪيس ۾ سزا ٻڌائن کانپوءِ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيان سان ڳالهائيندي بئرسٽر گوهر چيو ته اڄ هڪ وڳي فيصلو ٻڌائڻو هوپر ساڍي ٽين وڳي فيصلو ٻڌايو ويو، جيڪا اميد هئي اهو ئي ٿيو، غير اخلاقي قسم جا الزام مڙهيا ويا هڪ گندي ڪيس ۾ ست سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
سندس چوڻ هو ته جج کي چيو ته اوهان جي لاءِ قربانيون ڏنيون هيون، اوهان مايوس ڪيو آهي هي اهو ڪيس آهي جنهن جو نه مٿو آهي نه پير، هي ڪيس عون چوڌري جي خواهش تي ٺاهيو ويو، مولوي جي فتويٰ آهي ته جڏهن عورت چوي عدت پوري ٿي ويندي آهي، ٻن ڏينهن جي اندر 14، 14 ڪلاڪ ٻڌڻي ڪري ڪيس مڪمل ڪيو ويو ۽ اسان کي ثبوت پيش ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو.
بئرسٽر گوهر چيو ته زباني فيصلو ٻڌايو ويو ۽ ڪاپي نه ڏني وئي، هي سڀ ڪجهه سياسي مقصدن لاءِ ٿي رهيو آهي، هي سڀ عمران خان جي ساک متاثر ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
هن چيو ته پاڪستان تاريخ ۾ رڳو پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن کي چئلينج ڪيوويو پاڪستان جي تاريخ ۾ اسان جي پارٽي کان چونڊ نشان کسيو ويو، هو انصاف لاءِ هاءِ ڪورٽ ويندا، اميد آهي انصاف ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.