شينهن جي ساٿارين ڪارونجهر ڏانهن هٿ وڌايو ته سندن هٿ ڪپي ڇڏينداسين: بلاول

ڇاڇرو ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شينهن ساٿارين سنڌ جي معدني جابلو علائقي ڪارونجهر ڏانهن هٿ وڌايو ته هٿ ڪپي ڇڏينداسين.
ڇاڇري ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته باقي سياستدان ٻين ڏانهن واجهائي رهيا آهن، اڪيلو ليڊر آهيان جيڪو عوام کان ووٽ گهري رهيو آهي، مون سان گڏ ڪو ٻيو نه رڳو عوام بيٺو آهي، حڪومت ملي تي غريب عوام لاءِ ٽيهه لک گهر ٺاهي ڏيندس، اوهان جي آمدني ٻيڻي ڪري ڏيکاريندس.
بلاول ڀٽو چيو ته پ پ معاشي فائدي، روزگار لاءِ ٿرڪول رٿا شروع ڪئي هئي، هڪ همراهه پاڻ کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اِهو همراهه غلط بياني ڪري رهيو آهي ته ٿرڪول جو منصوبو هن ڏنو.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ٿرڪول منصوبي تي وڌيڪ ڪم ڪنداسين ته ٿرپارڪر کان ڪراچي تئاين ٽرين هلائينداسين.
هن چيو ته شينهن وارا ڪارونجهر ڏانهن ڏسي رهيا آهن، هو حڪومت ٺاهي گرينائٽ کپائيندا، بينظير ڀٽو اڄ به موجود آهي، انهن ڪارونجهر ڏانهن هٿ وڌايو ته سندن هٿ ڪپي ڇڏينداسين.
بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي ڪوشش آهي ته سندن لاءِ رستو صاف ڪيو وڃي، سندن ڪٺ پتلي حڪومت ڪراچي ۾ ويهي عوام جي حق تي ڌاڙو هڻي، ميان صاحب جا سهولتڪار سنڌ ۾ اليڪشن وڙهي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.