ملڪ ۾ سيمنٽ جو وڪرو گھٽجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جنوري ۾ سيمنٽ جي وڪري ۾ 15 سيڪڙو گھٽتائي ٿي آهي.
آل پاڪستان سيمنٽ مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن موجب جنوري ۾ سيمنٽ جو وڪرو 34 لک 14 هزار ٽن رهيو.
جنوري 2023ع ۾ سيمنٽ جي گڏيل کپت 40 لک ميٽرڪ ٽن هئي.
سيمنٽ مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن ٻڌايو ته جولاءِ کان جنوري تائين سيمنٽ جو وڪرو 5.92 سيڪڙو وڌيو ۽ هلندڙ مالي سال جا 7 مهينا سيمنٽ جو مقامي وڪرو 2.31 ڪروٽن ٽن رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.