دبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار سنجي دت اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان وسيم اڪرم جو مداح نڪتو.
اڳوڻو ڪپتان وسيم دنيا ۾ سوئنگ جي سلطان جي نالي سان ڄاتو ويندو آهي، جنهن جا نه رڳو ڪرڪيٽرز پر ٻين شعبن سان واسطو رکندڙ به ديوانا آهن.
بالي ووڊ منا ڀائي جي نالي سان مشهور ادڪار سنجي دت به ليجنڊ ڪرڪيٽر جو ديوانو نڪتو.
دبئي ۾ هڪ تقريب دوران گفتگو ڪندي سنجي دت وسيم اڪرم جي ساراهه ڪندي چيو ته هو وسيم اڪرم سان گڏ هتي گهرائڻ تي پنهنجي لاءِ هڪ اعزاز سمجهي ٿو، هو منهنجو ڀاءَ آهي جنهن کي مان ڪيئي سالن کان ڄاڻان ٿو.
"Wasim bhai ki reverse swing se sab darr jatay thay” 🔥🔥
Bollywood actor Sanjay Dutt praising Wasim Akram in an event in Dubai 🇮🇳🇵🇰❤️pic.twitter.com/CUiRWcHRVm
— Farid Khan (@_FaridKhan) January 31, 2024
هن چيو ته پنهنجي زندگي ۾ جيڪي عظيم ڪرڪيٽرز ڏٺا آهن، وسيم اڪرم انهن مان هڪ آهي، وسيم اڪرم جي ريورس سوئنگ کان سڀ ڊنل هوندا هئا.
ياد رهي ته وسيم اڪرم ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 500 کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ اڪيلو پاڪستاني آهي.
وسيم اڪرم نومبر 1984ع کان جون 2003ع تائين پنهنجي 19 سالا ڪيريئر ۾ 104 ٽيسٽ، 356 ون ڊي قومي ٽيم جي نمائندگي ڪئي.