چيني سائنسدانن جي دماغي چپ سان معذور شخص صحتياب

ايلون مسڪ ڪجهه ڏينهن اڳ اعلان ڪيو هو ته سندس ڪمپني نيورالنڪ پهرين انسان جي دماغ ۾ ڪمپيوٽر چپ لڳائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

پر چيني سائنسدانن ان کان به وڌيڪ بهتر وائرليس ڪمپيوٽر انٽرفيس تيار ڪري انساني دماغ ۾ لڳائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

Tsinghua يونيورسٽي جي سائنسدانن اعلان ڪيو ته هنن جي تيار ڪيل ڊوائيس جو تجربو مريض ۾ ڪيو ويو آهي جنهن جي حالت تيزي سان بهتر ٿي رهي آهي.

گذريل سال آڪٽوبر ۾ انساني ڪلينيڪل ٽرائل دوران ان مريض جي دماغ ۾ اهو ڊوائيس لڳائي وئي هئي.

ان ڊوائيس کي Neural Electronic Opportunity (نيو) جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ان جي لڳڻ کان پوءِ معذور مريض پنهنجن خيالن ذريعي هٿن چورڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.

محققن موجب هنن جي ڊوائيس نيورالنڪ جي چپ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر آهي ڇو جو ان سان نيورونز کي نقصان پهچڻ جو خطرو ناهي هوندو.

واضح رهي ته دماغي ڪمپيوٽر انٽرفيس سان دماغ جي اندر ٿيندڙ برقي سرگرمين ۽ ٻاهرين ڊوائيس جهڙي ڪمپيوٽر وچ ۾ سڌي ريت رابطو ممڪن هوندو آهي.

محققن موجب اهڙي ڊوائيس سان مڪمل طور تي مفلوج ماڻهن کي رابطو ڪرڻ ۽ صحتياب ٿيڻ ۾ مدد ملندي آهي.

Chinese brain chip helps paralysed man regain mobility – and it's less  invasive than Elon Musk's Neuralink | South China Morning Post

چيني ماهرن جو تيار ڪيل ڊوائيس جو ڪاٿو 2 سِڪن جي برابر آهي ۽ اها کوپڙي ۾ لڳائي ويندي آهي.

ان ۾ ڪا بيٽري نه آهي، ان هاءِ فريڪوئنسي ڪيمرا استعمال ڪري نيئر فيلڊ وائرليس پاور سان چارج ڪيو ويندو آهي.

محققن ٻڌايو ته ان ڊوائيس کي سڌي ريت نيورل ٽشو ۾ ناهي لڳايو ويو پر ان جي اليڪٽروڊز دماغ ۽ کوپڙي وچ ۾ موجود جهلي ۾ لڳايا ويا.

اهي اليڪٽروڊز تنتي سگنلز کي کوپڙي سان سلهاڙي باهرين رسيور کي موڪليندا آهن ۽ پوءِ فون يا ڪمپيوٽر انهن سگنلز کي ڊي ڪوڊ ڪندو آهي.

محققن موجب نيورالنڪ، برين گيٽ ۽ ٻين برين ڪمپيوٽر انٽرفيس تيار ڪندڙ ڪمپنين جي ڀيٽ ۾ اسان جي سسٽم ۾ نئين طريقيڪار کي آزمايو ويو آهي.

ان سسٽم کي 10 سال اڳ تيار ڪيو ويو هو ۽ پوءِ ان جي آزمائس جانورن تي ڪئي وئي هئي، جنهن کان پوءِ 2023ع جي شروع ۾ انساني ڪلينيڪل ٽرائل شروع ڪرڻ جي اجازت ملي.

جنهن فرد جي دماغ ۾ نيو سسٽم لڳايو ويو آهي، اهو 14 سال اڳ روڊ حادثي ۾ ڪرنگھي جي هڏي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب مڪمل طور تي معذور ٿي ويو هو.

ڊوائيس لڳڻ جي 3 مهينن کان پوءِ هو پنهنجن هٿن ذريعي بوتل کڻڻ جوڳو ٿي ويو آهي.

محققن ٻڌايو ته مشين لرننگ الگورٿم جي مدد سان مريص جلد پاڻ کي کائڻ پيئڻ جوڳو ٿي ويندو.

ان ڊوائيس تي به وڌيڪ تحقيقي ڪم ڪيو ويندو جنهن کان پوءِ ماهرن پاران ان جي عام استعمال جي اجازت وٺڻ جي ڪوشس ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.