سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تان فحش مواد هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تان فحش مواد هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪراچي ۾ فيملي وي لاگنگ جي نالي تي سوشل ميڊيا تي فحش مواد جي موجودگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت حسن بيگ جي درخواست تي لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس فيس بُڪ، ٽڪ ٽاڪ، يوٽيوب، سنيپ چيٽ ۽ ٻين ايپس تان غير اخلاقي مواد تي فوري طور ايڪشن وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت وفاقي حڪومت ۽ ٻين کي ڪارروائي ڪري 20 فيبروري تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.