برطانوي ارب پتيءَ اسلام قبول ڪري ورتو

ليمبرگيني گاڏين مان متاثر ٿي پنهنجو نالو ڊيني ليمبو رکندڙ ارب پتي برطانيو ڊيني ليمبو اسلام قبول ڪري ورتو.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ليمبو پنهنجي انسٽاگرام تي اسلام قبول ڪرڻجو اعلان ڪندي مسجد الحرام ۾ عمرو ڪرڻ جي وڊيو شيئر ڪئي.

ڊيني ليمبو پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪاروبار جي سلسلي ۾ سعودي عرب ويو هيس. اتي هڪ شخص مڪي وٺي ويو، اتان کان روحاني سفر شروع ٿيو. هاڻ هو مسلمان طور برطانيا موٽي آيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.