عماد وسيم، بابر اعظم جي حق ۾ ميدان ۾ اچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي اڳوڻي آل رائونڊر عماد وسيم، بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي اوپننگ جوڙي کي تبديل ڪرڻ تي پنهنجو موقف ڏئي ڇڏيو.
هڪ انٽرويو دوران اڳوڻي آل رائونڊر عماد وسيم چيو ته جيڪڏهن ٽيم مئنيجمينٽ بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي اوپننگ جوڙي کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته کين نوجوان رانديگرن کي موقعو ڏيڻوپوندو، ٻن ٽن اننگز جي بنياد تي ڪنهن جو فيصلو نه ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ پاڪستان وٽ ٻارنهن ميچون آهن، اسان اِهو مڃڻو پوندو ته محمد رضوان ۽ بابر اعظم مختصر فارميٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان مضبوط اوپننگ جوڙي طور پاڻ مڃايو.
سندس چوڻ هو ته بابر اعظم ۽ محمد رضوان گڏجي ابتدائي ڀائيواري ۾ پنجاهه کان مٿي جي ايوريج سان مجموعي طور 2452 رنسون ٺاهيون جڏهن ته ڪيئي رڪارڊ پڻ پنهنجي نالي ڪيا هئا.
اڳوڻي آل رائونڊر چيو ته جيڪڏهن مون کان پڇيو ته مان بابر اعظم سان اوپننگ لاءِ ويندس، اسان مٿس تنقيدڪري سگهون ٿا پر هن ڪيئي ڀيرا ڪاميابين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هن ڊگهي عرصي کان پاڪستان جي عزت ۽ فخر سان خدمت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.