آسان قسطن تي پلاٽ، صحافين لاءِ وڏي خوشخبري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت صحافين کي 3300 پلاٽ آسان قسطن تي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ادائيگي 10 سالن ۾ آسان قسطن تي ٿيندي.
پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جو صحافي برادري لاءِ اهم قدم سامهون اچي ويو، اطلاعات واري وزير عامر مير چيو آهي ته لاهور ۾ 200 ايڪڙن تي ٻڌل رهائشي منصوبو شروع ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي، رهائشي منصوبي جي ذميواري راوي اربن ڊيولپمينٽ اٿارٽي تي هوندي.
عامر مير موجب پنجاب ۾ صحافين کي 3300 پلاٽ آسان قسطن تي ڏنا ويندا، ادائيگي 10 سالن ۾ آسان قسطن تي ٿيندي.
نيوز روم ۽ رپورٽنگ اسٽاف لاءِ برابر 30-30 سيڪڙو ڪوٽا هوندي، جڏهن ته لاهور کان ٻاهر جي صحافين لاءِ 25 سيڪڙو ڪوٽا رکي وئي آهي ۽ ڪئميرامين ۽ فوٽو گرافرن جي ڪوٽا 15 سيڪڙو هوندي.
پلاٽ ڪڻن ذريعي الاٽ ڪيا ويندا، درخواست فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 6 فيبروري هوندي، جڏهن ته پلاٽس الاٽمينٽ لاءِ حتمي ڪڻا 12 فيبروري تي ڪڍيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.