آمريڪي فوجي جهاز ڏکڻ ڪوريا ۾ ڪِري تباهه

سئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا ۾ آمريڪي ايف 16 ويڙهاڪ جهاز سمنڊ ۾ ڪِري تباهه ٿي ويو.
ڏکڻ ڪوريا ۾ آمريڪي هوائي فوج جي يونٽ تصديق ڪندي چيو آهي ته جهاز کي سمنڊ مٿان ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو جنهن کان پوءِ اُهو ڪِري تباهه ٿي ويو.
آمريڪي هوائي فوج موجب پائلٽ حادثي وقت جهاز مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته ڏکڻ ڪوريا ۾ هڪ مهيني اندر آمريڪي ايف 16 جهاز ڪرڻ جو اهو ٻيو واقعو پيش آيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.