چونڊن کان اڳ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن کان اڳ ملڪ ۾ وڌيڪ برساتن ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب 4 فيبروري تائين ملڪ ۾ وڌيڪ برساتن ۽ برفباري جو امڪان آهي، اولهه هوائن جو سلسلو ملڪ تي اثرانداز ٿي رهيو آهي، جيڪو 4 فيبروري تائين برقرار رهندو، 2 کان 3 فيبروري دوران ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻي ۽ دادو ۾ هلڪي ۽ وچولي درجي جي برسات ٿي سگهي ٿي.
ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ۾ به هلڪي مينهن جو امڪان آهي، جڏهن ته تيز برساتن جي نتيجي ۾ بلوچستان جي ندي نالن ۾ ٻوڏ جو خدشو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ 2 کان 3 فيبروري تائين برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي، ڪوئيٽا، گوادر، نوڪنڊي، دالبدين، چاغي، قلات، خضدار، لسٻيلي ۽ آواران ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ تيز مينهن ۽ جبلن تي برفباري جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ به برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.