اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي چونڊن جي ڏينهن ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.
چيف اليڪشن ڪمشنر طرفان نگران وزيراعظم کي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ عام چونڊن کي ڏسندي 3 ڏينهن ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب خط ۾ بجلي جي 7 کان 9 فيبروري تائين بنا وقفي فراهمي يقيني بڻائڻ جا انتظام ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته عام چونڊن دوران ملڪ ۾ بجلي جي بنا وقفي فراهمي اڻٽر آهي، چونڊن واري رات بجلي ۾ وقفي سان ڏکيائيون پيش اچي سگهن ٿيون، پولنگ اسٽيشنز تي نتيجن جي تياري جي عمل ۾ رنڊڪ پيش اچي سگهي ٿي.
You might also like