ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ شاهد آفريدي جي سنڌ پريميئر ليگ ۾ جارحاڻي بيٽنگ جا چرچا ٿيڻ لڳا آهن.
ايس پي ايل جي پهرين ايڊيشن ۾ بينظير لال جي نمائندگي ڪندڙ قومي ٽيم جي اڳوڻي آل رائونڊر شاهد آفريدي 32 بالن تي چئن ڇڪن ۽ چئن ڇوڪن جي مدد سان 50 رنسن جي اننگز کيڏي.
اڳوڻي ڪرڪيٽر جي فٽنس جو معيار ڏسي سوشل ميڊيا واهپيدار دلچسپ قسم جا تبصرا ڪري رهيا آهن.
Boom Boom Afridi at his explosive best! 💥 Shahid Afridi smashes 50 runs off just 31 balls, turning the game into a thrilling spectacle. 🏏🔥@SAfridiOfficial #benazirabadlals #lalsofsindh #spl
#abkhelaysindh #kingdomvalley pic.twitter.com/waRsSEZvwU— Benazirabad Lals (@Benazirabadlals) February 1, 2024
هڪ واهپيدار لکيو ته اٺ سال اڳ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيندڙ 46 سالا شاهد آفريدي هاڻ به پاڪستان جي بهترين پاور هٽرز منجهان هڪ آهي.
هڪ ٻئي صارف لکيو ته شاهد آفريدي جي بيٽگ ڏسي کيس 1999 ڀارت خلاف چنائي ٽيسٽ ۾ کيڏيل سندس اننگز ياد اچي وئي آهي جتي هن ڀارتي بالرن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا هئا.