نوڪيا فونز جو دور پڄاڻي تي پهتو

ڪو دور هيو جڏهن نوڪيا دنيا جي مشهور ترين موبائيل فون ڪمپني هئي ۽ هاڻي ان جو دور ختم ٿيڻ جي ويجهو پهچي چڪو آهي.
نوڪيا موبائيل فونز ٺاهيندڙ ڪمپني ايڇ ايم ڊي گلوبل اعلان ڪيو آهي ته هاڻي هو پنهنجين سمارٽ فونز تي نوڪيا جو نالو استعمال نه ڪندي.
2016ع ۾ ايڇ ايم ڊي گلوبل نوڪيا فونز جو لائيسنس ورتو هو جنهن کان پوءِ نوڪيا سمارٽ فونز ٻيهر منظر عام تي آيون.
پر هاڻي بليڪ بيري جيان نوڪيا فونز جو دور به ختم ٿيڻ وارو آهي.
اهي ٻئي ڪمپنيون ڪنهن زماني ۾ سڀ کان وڌيڪ فونز وڪرو ڪنديون هيون پر ٻين ڪمپنين جي ڀيٽ ۾ پٺتي رهجي ويون.
ايڇ ايم ڊي گلوبل پاران هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيتوڻيڪ اسان کي نوڪيا فونز ٺاهيندڙ ڪمپني جي طور تي سڃاتو ويندو آهي، پر اسان جو ويزن هاڻ ان کان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ اسان پنهنجا ڊوائيسز پيش ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.