ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي فنانس کاتي جي حڪم بعد جيڪب آباد جي 840 پينشرن کي جعلي ھئڻ جو شڪ ڄاڻائي پينشن بند ڪئي وئي
فنانس کاتي جي حڪم بعد اي جي سنڌ پاران ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر جيڪب آباد کي ليٽر لکي 840 پينشرن جون پينشن واريون آئي ڊيز بند ڪري ڇڏيون
خزاني آفيس جيڪب آباد ڄاڻايل 840 پينشرن جون پينشن بند ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي
رابطو ڪرڻ تي جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر محمد علي منگي چيو ته 840 پينشرن جون ماھوار پينشن بند ڪري ڇڏي آهي.
هن ٻڌايو ته شڪ آهي ته پينشرن جون آئيڊيز جعلي آهن ،ان ڪري تصديق ٿيڻ تائين پينشن بند ھوندي
ڄاڻايل پينشرن کي نوڪري ۾ ھئڻ بابت پنهنجا ڪاغذي ثبوت جمع ڪرائڻا پوندا جيڪي تصديق ٿيڻ بعد اي جي سنڌ ڏانهن اماڻيا ويندا.