گھٽ يا وڌيڪ ننڊ ڪرڻ جا دماغ لاءِ نقصان

گھٽ يا گھڻي ننڊ جي نتيجي ۾ دماغي صحت گھڻي متاثر ٿيندي آهي ۽ سنگين مرضن جو خطرو وڌي ويندو آهي.
اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
يالي اسڪول آف ميڊيسن جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گھٽ يا وڌيڪ ننڊ جي نتيجي ۾ دماغ ۾ اهڙيون تبديليون ٿينديون آهن جن سان فالج ۽ ڊيمينشيا جهڙن مرضن جو خطرو وڌندو آهي.
ان تحقيق ۾ 40 هزار صحتمند وچولي عمر جي ماڻهن کي شامل ڪري سندن ننڊ جي عادتن سان دماغي صحت تي پوندڙ اثرن جي جاچ ڪئي وئي.
ان مقصد لاءِ انهن ماڻهن جي دماغ جي white matter hyperintensities کي ڏٺو ويو جنهن سان دماغي عمر ۾ اضافي بابت خبر پوندي آهي.
اهڙيءَ طرح fractional anisotropy کي ڏٺو ويو جنهن جي مقدار ۾ گھٽتائي دماغي مرضن جو خطرو وڌائيندي آهي.
جيڪڏهن دماغ ۾ white matter hyperintensities جو ڪاٿو ۽ مقدار وڌي وڃي جڏهن ته fractional anisotropy جي سطح گھٽجي وڃي ته فالج ۽ ڊيمينشيا جو خطرو وڌي ويندو آهي.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته 7 ڪلاڪن کان گھٽ ننڊ يا 9 ڪلاڪن کان وڌيڪ ننڊ سان white matter hyperintensities جو مقدار ۽ ڪاٿو وڌي ويندو آهي جڏهن ته fractional anisotropy جي سطح گھٽجي ويندي آهي.
محققن ٻڌايو ته نتيجن مان ثابت ٿئي ٿو ته ننڊ دماغي صحت لاءِ گھڻي اهم هوندي آهي.
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته نتيجن مان اها به خبر پوي ٿي ته ننڊ جو معيار ۽ وقت زندگي ۾ دماغي صحت جي خطرن جو اشارو ٿي سگھي ٿو.
محققن موجب ڊيمينشيا جهڙا مرض ڊگهي عمل جي پڄاڻي هوندا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان اهو ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته ڪيئن ان عمل کي شروع ٿيڻ کان روڪڻ ممڪن آهي.
سندن چوڻ هو ته وچولي عمر اسان جي زندگي جو اُهو اهم وقت هوندو آهي جڏهن ننڊ جون صحتمند عادتون اختيار ڪري دماغي صحت کي معاونت فراهم ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل آف دي آمريڪن هارٽ ايسوسيئيشن ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.