ويوو جو نئون مڊ رينج فون متعارف

سمارٽ فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني ويوو پنهنجي واءِ سيريز جو مڊ رينج فون متعارف ڪرائي ڇڏيو، جنهن کي فيچرز ۽ قيمت جي حوالي سان مناسب قرار ڏنو پيو وڃي.
ڪمپني ويوو واءِ 100 فائيو جي کي 6.67 انچن جي اسڪرين ۽ فنگر پرنٽ سينسر سوڌو ٻين سيڪيورٽي فيچرز سان گڏ پيش ڪيو آهي.
فون کي 8 ۽ 12 جي بي ريم جڏهن ته 128 ۽ 256 جي بي ميموري ماڊلز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
ويوو واءِ 100 فائيو جي جي بيڪ تي 2 جڏهن ته فرنٽ تي 1 ڪيمرا ڏني وئي آهي، جن کي جديد سينسرز سان اپڊيٽ ڪيو ويو آهي.
فون جي بيڪ تي مين ڪيمرا 50 جڏهن ته ٻي 8 ميگا پڪسل جي آهي جڏهن ته فرنٽ تي به 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي.
فون ۾ 5 هزار ايم اي اي جي طاقتور بيٽري کي 80 واٽ فاسٽ چارجر سان گڏ پيش ڪيو ويو اهي ۽ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته رڳو 30 منٽن ۾ 70 سيڪڙو بيٽري چارج ٿي سگھي ٿي.
ڪمپني فون جي 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي ميموري ماڊل جي قيمت پاڪستاني 68 هزار جڏهن ته 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي ميموري واري ماڊل جي قيمت 74 هزار روپيا رکي وئي آهي.
فون کي شروعاتي طور تي رڳو انڊونيشيا ۾ پيش ڪيو ويو آهي پر جد ان کي پاڪستان ۾ به پيش ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.