سائفر ڇا هوندو آهي؟ عام ماڻهو پڙهي سگهي ٿو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سائفر ڪنهن به اهم ۽ حساس پيغام کي لکڻ جو هڪ ڳجهو طريقو آهي جنهن ۾ سادي ٻولي بدران ڪوڊ ٿيل ٻولي استعمال ڪئي ويندي آهي.

هڪ عام سفارتي ڊاڪ يا خط جي ابتڙ، سائفر ڪوڊ ٿيل ٻولي ۾ لکيو ويندو آهي.

ڪوڊ لينگويج ۾ سائفر لکڻ ۽ ان جي ڊيڪوڊنگ ڪنهن عام ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ناهي، ان کي رڳو لاڳاپيل شعبي جا ماهر ڊيڪوڊ ڪري سگهن ٿا.

ان مقصد لاءِ پاڪستان جي پرڏيهي آفيس ۾ 100 کان وڌيڪ گريڊ 16 جا آفيسر آهن، جن کي ’سائيفر اسسٽنٽ‘ چيو وڃي ٿو.

اهي سائفر اسسٽنٽ ٻاهرين ملڪ پاڪستان جي سفارتخانن ۾ به مقرر ٿيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.