اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اوگرا گئس جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جي سفارش ڪري ڇڏي.
پيٽروليم واري وزارت جي ذريعن موجب، اوگرا گئس جي قيمتن ۾ 41 سيڪڙو واڌ جي سفارش ڪئي آهي ۽ حڪومت جي منظوري کانپوءِ ايندڙ مهيني کان نوان اگهه لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، اوگرا ان کان پهرين هڪ سال دوران چار سئو سيڪڙو گئس ٽيرف وڌائي چڪو آهي.