حڪومت جو پنج فيبروري تي عام موڪل جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي سرڪار ڪشميرين سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيوم جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
ڪابينا ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، شهيد ڪشميرن لاءِ پنج فيبروري جي صبح 10 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي.
واضح رهي ته ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏهاڙو هر سال پنج فيبروري تي ملهايو ويندو آهي.
ان ڏينهن تي سموري دنيا کي اِهو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو عوام پنهنجو حقِ خوداراديت گهري رهيو آهي، اِهو سندن بنيادي حق آهي، جيڪو گڏيل قومن جي چارٽر ۾به تسليم ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.